Membership Form for APCA (Shaheed Saqi) Pakistan

Nomination Form for APCA Pakistan Shaheed Saqi

Tuesday, January 31, 2017

PEACEFUL PROTEST FOR ACCEPTANCE OF DEMANDS IN FRONT OF PRESS CLUB HYD ON 15 FEB 2017

پريس رليز
مطالبن جي مڃتا لاءِ آپڪا  جي جهنڊي هيٺ 15 فيروري 2017 تي پريس ڪلب حيدرآباد جي سامهون پر امن مظاهري جو اعلان هن پرامن احتجاج جي قيادت ايم اي ڀرڳڙي، عرفان سومرو، نديم آرائين ، نياز حسين خاصخيلي، ڪامريڊ شاهد سومرو ، ڪاشف رضا کوکر، احسان عالماڻي، زاهد حسين جوکيو ، شاهد چارڻ ، شنيل پنهنور ، عزيزالله ڪلهوڙو، غفور گل ، خير محمد ابڙو ، غلام فريد ڪاڇار ، غلام نبي سيال ، الطاف سهتو۽ ٻيا ڪندا. آپڪا اڳواڻن پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومتي ٻٽي معيار جي ڪري ننڍن ملازمن ، ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي جڏهن ته  آزاد جمون ڪشمير ، پنجاب، خيبرپختون خواه ۽ بلوچستان حڪومت ڊرائيور، نائب قاصد، چوڪيدار،. ڪمپيوٽر آپريٽر، اڪائونٽس ڪلارڪ ، اڪائونٽنٽ ۽  ٻين مختلف پوسٽن جي 2014 کان ترتيب وار اپگريڊيشن ڪئي ۽ ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو تازو لاهور هاءِ ڪورٽ اسٽينوگرافر کي 17 گريڊ مان هر 7 سال کان پوءِ گريڊ 18، 19 ۽ 20 گريڊ ۾ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن مگر وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ٽال مٽول ڪري ننڍن ملازمن کي مجبور ڪيو آهي ته مظاهرا ۽ هڙتالون ڪيون وڃن . آپڪا اڳواڻن پنهنجي پڌرائي ۾ ظاهر ڪيو ته آفيس جي ننڍن ملازمن سان ناانصافيون جاري آهن وفاق جي مختلف کاتن ۾ هيڊ ڪلارڪ 16 گريڊ بدران اڃان تائين گريڊ 8 ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت جي ماتحت هيڊ ڪلارڪ ۽ اسسٽنٽ کي گريڊ 16 ڏنو ويو آهي ان ڪري آپڪا حڪومت کان گھر ڪندي  مطالبو ڪيو ته بغير شرط جي هيڊڪلارڪ / اسسٽنٽ کي گريڊ 16 ، سينئر ڪلارڪ/ UDC کي گريڊ 14 ، جونيئر ڪلارڪ /LDC کي گريڊ 11 ۽ ٻين مختلف پوسٽن جي اپگريڊيشن ۽ ٽائيم اسڪيل ڏئي ملازمن جي مايوسي ختم ڪرائي وڃي. ياد رهي ته اسٽيبلشمنٽ ڊويزن محمڪه فناس ڊويزن کي 5 سال اڳ ليٽر لکي ٽائيم اسڪيل جي پاليسي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي هئي مگروفاقي حڪومت و صوبائي حڪومت جي محڪمه خزانه هن جائز مسئلي تي وڏي رقم خرچ ٿيڻ جا بهانا جوڙي جائز مطالبن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو ويو . آپڪا جي اڳواڻن گھر ڪئي ته فوتي  ملازمن جي اولاد کي جلد نوڪرين تي مقرر ڪيو وڃي ۽ فوتي ملازمن جي اولاد کان رشوت طلبي بند ڪرائي وڃي . ايجنٽن ۽ رشورتخورن خلاف سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ ملازمن جي اولاد لاءِ 33 فيصد سن ڪوٽا، سول ملازمن لاءِ يوٽلٽي الائونس جي منظوري پڻ ڪئي. هنن ٻڌايو ته آپڪا جا مطالبا حڪومت کي بار بار پيش ڪيا ويا آهن مگر حڪومت منظوري لاءِ  بار بار لاچاري جو اظهار ڪري ملازمن جي مايوسي ۾ اضافو ڪيو آهي .              

No comments:

Clicks

banner

APCA_SAQI

Popular Posts

Contact Form

Name

Email *

Message *